ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر عورت فوت ٻار زخمي

ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر عورت فوت ٻار زخمي

سڪرنڊ (ن سنڌيار) قومي شاھراهه تي ايڪسائيز چيڪ پوسٽ وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، جنهن جي نتيجي ۾ 42 ورهين جي عورت رضيا زال عبدالحميد انڙ ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس پٽ وسيم انڙ معمولي زخمي ٿي پيو.اطلاع ملڻ تي سڪرنڊ پوليس لاش ۽ زخمي کي کڻائي تعلقي اسپتال سڪرنڊ پهچايو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.زخمي وسيم انڙ ٻڌائيندي چيو ته اسان پنهنجي ڳوٺ پراڻو ڌڌ کان سعيدآباد مائٽن ۾ وڃي رهيا هئاسين ته هي اچانڪ واقعو پيش آيو. جڏھن ته ٽرالر ڊرائيور ٽرالر سميت فرار ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو