ٽاپ ٽين ڪارڪردگي وارن وزيرن کي تعريفي سندون

ٽاپ ٽين ڪارڪردگي وارن وزيرن کي تعريفي سندون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي وزيرن، صلاحڪارن ۽ خاص مددگارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. پهريون نمبر مراد سعيد کي ڏنو ويو، اسد عمر جي منصوبابندي واري وزارت ٻئي، غربت جي خاتمي واري وزارت ٽئين، شفقت محمود جي تعليم واري وزارت چوٿين، شيرين مزاري جي انساني حقن واري وزارت پنجين، خسرو بختيار جي صنعت واري وزارت ڇهين، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن ستين، عبدالرزاق دائود جي وزارت ڪامرس اٺين نمبر تي، گهرو وزير شيخ رشيد جي گهرو وزارت نائين ۽ سيد فخر امام جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي آخري هئي. 10 بهتر ڪارڪردگي وارين وزارتن ۾ فواد چوڌري جي اطلاعات واري وزارت شامل ناهي. اطلاعات واري وزير فواد چوڌري بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وزيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن وزيرن ۾ پنهنجو نالو نه هجڻ جو سبب به ٻڌائي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته هن ڀيري اسان ان ڪري جڳهه نه ٺاهي سگهياسين جو ڪارڪردگي جي پرک منصوبن تي عملدرآماد سان مشروط هئي، مان ڪجهه منصوبن ۾ مٽا سٽا ڪئي آهي جيڪا منهنجي خيال ۾ ايندڙ ڀيري وڌيڪ ڪارآمد ثابت ٿيندا، ايندڙ ڀيري انشاءَ الله منهنجو نالو به هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو