ٽائون جو وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب

خانپورمهر(آفتاب سيال) خانڳڙھ ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين جي خالي ٿيل سيٽ تي ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين ديوان پھلاج لال بنا مقابلي چيئرمين ڪامياب قرار، اليڪشن ڪميشن پاران مقرر ڪيل رٽرننگ آفيسر اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز ھاليپوٽو پھلاج لال جي بنا مقابلي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تہ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ لاء جاري ڪيل شيڊول موجب فارم وصول ڪرڻ توڙي فارم جمع ڪرائڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي تاريخ تائين رڳو وائيس چيئرمين ديوان پھلاج آزاد حيثيت ۾ ئي فارم جمع ڪرايا سندس مقابلي م ڪنھن بہ ٻئي اميدوار فارم نہ ڀرايو ۽ اعتراضن جي ڏنل آخري تاريخ تائين ڪنھن بہ اعتراض پڻ نہ واريو ان ڪري ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جي وائيس چيئرمين کي بنا مقابلي ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جو چيئرمين ڪامياب قرار ڏجي ٿو.واضع رھي وقافي وزير مرحوم سردار علي محمد خان مھر جي لاڏاڻي بعد اين اي 205 تي ٿيل ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاء سندس جي فرزند احمد علي خان مھر ٽائون چيئرميني تان استعيفي ڏني ھئي جنھن بعد خانڳڙھ جي ٽائون چيرمين جي سيٽ خالي ٿي ھئي جنھن تي اليڪشن ڪميشن اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ھيو جيڪا اليڪشن 16 سيپٽمر تي ٿيڻي ھئي، جڏهن ته چيئرمين شپ جي اميدوار لاءِ فارم ڀرائڻ ۽ اعتراض داخل ٿيڻ جي آخري تاريخ 7 سيپٽمبر گذري وڃڻ باوجود ٻئي ڪنهن به اميدوار پاران نامزدگي فارم نه ڀرايا ويا نه ئي ڪو اعتراض داخل ٿيو، جنهن ڪري ٽائون ڪاميٽي خانڳڙهه جي چيئرمين لاءِ اميدوار وائيس چيئرمين ديوان پهلاج لال کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏئي سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو