چوٿين ميچ ۾ به آسٽريليا جي پاڪستان کي شڪست

ابوظهبي (م ڊ) آسٽريليا چوٿين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي راند کٽڻ لاءِ 278 رنز جو ٽارگٽ ڏنو آهي. جيڪو هو پورو نه ڪري سگهيا ۽ لڳاتار پاڪستان کي چوٿين شڪست نصيب ٿي. اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي آسٽريليا ستن وڪيٽن جي نقصان تي 277 رنز ڪيون. آسٽريليا مختلف موقعن تي هيٺ مٿانهين جو شڪار رهڻ جي باوجود به فائيٽنگ اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ميڪسويل 98 رنسون ٺاهي سگهيو ۽ سينچري نه ڪري سگهيو. شعيب ملڪ کي پاسيري ۾ رهڙا اچڻ ڪري هن ميچ ۾ پاڪستان جي قيادت عماد وسيم ڪري رهيو آهي. محمد حسنين، وسيم ۽ ياسر شاهه ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. ياد رهي ته آسٽريليا پاڪستان کي لاڳيتو چوٿين ون ڊي ۾ به شڪست ڏئي سيريز ۾ ذري گهٽ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو