ٻيٽن تي وفاق والار، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بينچ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ڌُرين کان 23 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار شهاب اوستو موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ سنڌ جي عوام جي بُنيادي حقن تي راتاهو آهي، آئين ۽ قانون موجب ٻيٽ صوبائي ملڪيت آهن، صوبي کان ڪا به زمين حاصل ڪرڻ کان اڳ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لازمي هوندو آهي، درخواست ۾ پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي جي قيام وارو آرڊيننس غيرآئيني قرار ڏنو وڃي.ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر قانوندان شهاب اوستو چيو ته سنڌ سرڪار کي 2 انچ زمين تان به هٿ کڻڻ جو اختيار نه آهي، حڪمران نيڪ نيتي سان پنهنجو هڪ بنگلو ڪنهن کي ڏين ته خبر پوي، ڪراچي کان حيدرآباد تائين مقامي ماڻهن کي لڏائي ڌارين کي آباد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو