ٻيٽن تي قبضي خلاف ٺٽو ۾ احتجاجي مظاهرو

ٻيٽن تي قبضي خلاف ٺٽو ۾ احتجاجي مظاهرو

ٺٽو رپورٽ (جاويد لطيف ميمڻ)سامونڊي ٻيٽن تي والار ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ٻيٽ بچايو تحريڪ جي سڏ تي اڳواڻن محمد علي شاھ، خدا ڏنو شاھ، گل حسن ڪلمتي، ياسمين شاھ، قومپرست اڳواڻ نواز خان زنئور، حمزو خان پنهور، گهنور خان زنئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ايڌي سينٽر کان مين رڪشا اسٽاپ تائين ڪڍي ويئي، جيڪا  ڌرڻي ۾ تبديل ٿي ويئي. ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر ۽ جهنڊا هئا، جيڪي ”ٻيٽ بچايو سنڌ بچايو“ جا زوردار نعرا هڻي رهيا هئا.

Photo Sindhyar

ريلي ۽ ڌرڻي ۾ گھنور خان زنئور،  عزيز سرواڻ، ناٿو بروھي، لطف ھالو، بابو خشڪ،سرور پليجو، حبيب الله پليجو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن به شامل ٿي ويا. ريلي کي خطاب ڪندي ٻيٽ بچايو تحريڪ جي اڳواڻن محمد علي شاھ ۽ ٻين چيو ته سامونڊي ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن ۽ رامسر ڪنوينشن تحت اُتي اڏاوت ڪرڻ توڙي والار ڪرڻ غير قانوني آهي، ٺٽي ۽ بلوچستان جي ساڍا 3 سئو کان مٿي سامونڊي ٻيٽن تي والار جي صورت ۾ لکين مقامي ماهيگير متاثر ٿيندا، سڄي سنڌ اهڙي وفاقي سازش رد ڪري چڪي آهي، فوري طور تي صدارتي آرڊيننس واپس وٺي سامونڊي ٻيٽن تي والار جي سازش ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي. ھنن چيو تہ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن کي بچائڻ لاء ٻئي مرحلي ۾ اڄ کان سڄي سنڌ ۾ مرحليوار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا ۽ ٽئين مرحلي ۾ گورنر هائوس تائين مارچ ڪري تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، جنھن ۾ عوام ڀرپور نموني شرڪت ڪري ٻيٽن تان قبضا خالي ڪرائي صدارتي آرڊينس کي ھميشہ لاء ختم ڪرڻ واري جدوجھد ۾ ساٿ ڏين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو