ٽنڊو محمد خان (ن س)سنڌ مرڪي پئيِ جهڙا لازوال گيت ڳائي ماڻهن جون دليون ڌڙڪائيندڙ ڀلوڙ راڳي ٻيجل سنڌي ڪئنسر سان جنگ جهيڙيندي هميشه لاءِ وڇڙي ويو، ٽنڊو محمد خان جي نجي اسپتال ۾ دم ڏيندڙ راڳيءَ جو مڙهه گهر منتقل ڪيو ويو، ٻيجل سنڌيءَ جي لاڏاڻي تي ٽنڊو محمد خان ۾ سوڳ ڇانيل آهي، ٻيجل سنڌي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان جي مختلف اسپتالن مان علاج ڪرايو پر سندس زندگي وفا نه ڪئي، ٻيجل سنڌي سنڌ مرڪي پئي گيت کي الڳ انداز ۾ ڳائي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻي،










