ٻوڏ وارو پاڻي نه نڪتو،بيماريون ڦهلڻ جو خدشو

ٻوڏ وارو پاڻي نه نڪتو،بيماريون ڦهلڻ جو خدشو

ٽنڊو غلام حيدر ( ن سنڌيار ) ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف شهرن ۾ تازو برسات سبب ٻوڏ متاثرن جا سور ٻيڻا ٿي ويا تعلقي جي سڀ کان ڳتيل آبادي واري يونين ڪائونسل مويا جي وچ بازار ۾ پاڻي جمح ٿيڻ ڪري مقامي رهواسي دڪاندار ۽ علاج لاء ايندڙ سوين ماڻهو پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا يونين ڪائونسل مويا شهر سڀ کان وڏي انساني آبادي رکندڙ شهر سڏيو وڃي ٿو پر انتظاميه ۽ چونڊيل نمائيندن جي نااهلي سبب معمول مطابق برسات پوڻ ڪري مويا شهر جي مين بازار جون رونقون اجڙڻ لڳيون اڄ گذريل 15 سالن جي عرصي دوران مويا شهر جي مک بازار جو پڪو رستو به نه ٺهي سگهيو جنهن جي ڪري تيز برساتن سبب شهري توڙي علائقي واسي سخت مونجهاري جو شڪار بڻيل آهن مويا شهر ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ سبب واپار سانگي ايندڙ ماڻهو به ڏکائين کي منهن ڏيڻ تي ويتر پريشان حال ٿي وڃن ٿا چونڊيل نمائيندن ڪافي مرتبا مويا شهر کي روڊ منظور ڪرائي ڏيڻ لاء واعدا ڪيا پر سڀ اڌهورا رهجي ويا مقامي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر جو ڊرنيج سسٽم ناڪاره هجڻ ڪري برساتي گندگي وارو پاڻي گهرن گهٽين محلن ۽ شهر جي مک مين بازار ۾ جمح ٿيڻ ڪري هفتا گذريو وڃن پر ان هوندي به پاڻي نيڪال نٿو ڪيو وڃي رهواسين اقتدار ڌڻين ۽ سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪندي اپيل ڪئي آهي ته مويا شهر کي سموريون انساني بنيادي سهولتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو