ٻوڏ متاثر روڊن تي، دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور،حڪومت غائب،احتجاج

ٻوڏ متاثر روڊن تي، دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور،حڪومت غائب،احتجاج

دادو(ن سنڌيار) تعلقا دادو ۾ ٻوڏ متاثر روڊن تي ويٺل ٻوڏ سبب اجھا ڊهي پٽ پئجي وڃڻ ڪري دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ماڻهن جي ضلعي انتظاميا طرفان سار نه لڌي وئي ڳوٺاڻا بي يارو مددگار روڊن تي ويٺل منڇر ڍنڍ کان آيل ابتي ٻوڏ تباهي ڪري ڇڏي جنهن يونين ڪائونسل يار محمد ڪلهوڙو جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ حاجي ماهي خان خاصخيلي باداڻي محبت جلباڻي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏيو ان کانپوءِ پاڻي کي غلط رستي گذر ڪرائڻ سبب ڳوٺاڻن اي سي دادو شاهنواز ميراڻي ۽ مختيارڪار دادو پاران غلط ڪٽ ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي واهر نہ ڪرڻ تي ڳوٺاڻن ۽ ٻوڏ متاثرين جو روڊ جي ڪٽ مٿان احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين حاجي الاهي بخش ڪلهوڙو.حاجي سڪندر علي عبدالرحمنٰ ڪلهوڙو.رشيد پنهور ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو تہ هي ڪهڙي انجنيئرنگ آهي جو پاڻي هڪ ڪلوميٽر پري هو ڳوٺاڻن اي سي کي منٿون ڪيون پر هن اسان ڳوٺاڻن کي جاهل چئي ڪٽ ڏياريا جڏهن تہ ڪٽ ٿي 3 ڏينهن گذري ويا پر پاڻي نہ پهتو جڏهن تہ هن مهل تائين ڪٽ بند نہ هجڻ ڪري بيمار ماڻهن سميت عام ماڻهو سخت پريشان آهي ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثرين جي ڪا بہ واهر نہ ڪئي آهي هنن وڌيڪ چيو ته يونين ڪائونسل يار محمد ڪلهوڙو تعلقا دادو ۾ منڇر ڍنڍ جو پاڻي سم نالي کان گهارو پوڻ ڪري ابتي ٻوڏ جي صورتحال اختیار ڪري ويو هو جنهن ڏسندي ئي ڏسندي تباهي مچائي ڇڏي جيڪو پاڻي مختلف علائقن مان ٿيندو يونين ڪائونسل يار محمد ڪلهوڙو ۾ داخل ٿيو جنهن سوين ڳوٺن کي متاثر ڪيو جنهن ۾ ڳوٺ حاجي ماهي خان خاصخيلي،ڳوٺ موريو پنهور ،باداڻي ،محبت خان جلباڻي،حاجي اڱڻ کوسو، طالباڻي پنھور سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ڳوٺ حاجي ماهي خان خاصخيلي مڪمل طور تباهه ٿي ويو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت سر بچائي روڊن تي نڪري پهتا جتي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ويٺل آهن ڊي سي دادو سميت ڪنهن به ڪاموري سندن ڪا سار نه لڌي ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار بڻيل راشن دوائون ٽينٽ سميت گهربل سهولتون نه ملڻ تي ٻوڏ متاثرن ۾ بي چيني وارا منظر آهن مظاهرين وڌيڪ دانهيو ته اسان وزيراعليٰ سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ ايم اين اي دادو رفيق احمد جمالي کان مطالبو ٿا ڪيون تہ اي سي دادو ۽ مختيارڪار دادو کي هٽايو وڃي ۽ يوسي يار محمد ڪلهوڙو ۾ بي يارو مددگار روڊن تي ويٺل ٻوڏ متاثرن کي جلد راشن ٽينٽ دوائون سميت سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ اسان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو