لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ٻوڏ متاثرين جي مدد نٿي ڪري سگهجي، جيڪي بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ نه آهن انهن جي ڪيئن مدد ڪري سگهجي ٿي؟، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته سنڌ ۾ ٻاهرين امداد جي باوجود ماڻهو مڪمل طور تي بحال نه ٿيا آهن،سنڌ يا ڪراچي جي صورتحال ڇا آهي؟ ڇا انهن کان عقل وٺڻ جي ضرورت آهي جن سنڌ کي آثار قديمه ۾ تبديل ڪيو؟، عظميٰ بخاري چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ٻوڏ پنجاب ۾ آيو، پنجاب حڪومت پنهنجن وسيلن سان ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري رهي آهي. اسان ٻاهرين امداد جو انتظار نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته جڏهن گذريل ڀيري سنڌ ۾ ٻوڏ آئي هئي ته ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته صوبائي حڪومت تيار نه هئي؟،صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو پنجاب جي وڏي وزير جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. مان بلاول ڀٽو جي بيان کي وڌيڪ قابل اعتبار سمجهان ٿي. اسان صرف انهن لاءِ دعا ڪري سگهون ٿا جيڪي ٻوڏ جي سياست ڪن ٿا.










