ٻوڏ متاثرن جي واپسي، ٽرانسپورٽرن ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيا

ٻوڏ متاثرن جي واپسي، ٽرانسپورٽرن ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، عوام جي ضرورت جو فائدو وٺندي ٽرانسپورٽرن ڀاڙا ٻه کان ٽي ڀيرا وڌيڪ ڪري ڇڏيا آهن.سنڌ ۾ سيلاب جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو، رهواسي پنهنجو سامان سڙي رک ۽ لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا. ٻوڏ متاثرن کي هڪ وڏو مسئلو درپيش اهو آهي ته سامان جي آمدورفت ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين جا ڀاڙا وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.انهن ۾ جيڪي پنهنجا گهر بند ڪري محفوظ هنڌ ڏانهن هليا ويا آهن، انهن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن، جن ڪڏهن به ان وقت جو سوچيو به نه هو.هنن ڏکايل ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽرن جي ڦرلٽ کي روڪڻ وارو ڪو به ناهي، حڪومت ۽ انتظاميا اسان کي خيما يا راشن نه ڏنو، گهٽ ۾ گهٽ هنن اسان کي خراب وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو