اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڪا به سياست نه ڪئي پئي وڃي، هو بنا فرق جي مدد ڪري رهيا آهن، اسان کي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي.اين ايف آر سي سي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اين ڊي ايم اي متاثرن ۾ فنڊ ورهايا آهن.هن چيو ته ٻوڏ ۾ 1700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، زخمين جي مالي مدد به ڪئي پئي وڃي، ٻوڏ متاثرن ۾ 66 ارب رپيا ورهايا ويا آهن.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي في ماڻهو 10 لک رپيا ڏنا پيا وڃن، اها رقم سمورن متاثر خاندانن ۾ ورهائي پئي وڃي.سندس چوڻ آهي ته پرڏيهه مان آيل امداد اين ڊي ايم اي ذريعي ورهائي وئي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 70 ارب رپيا ورهائڻا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن کي سموريون ضروري شيون فراهم ڪيون ويون، فنڊ ۽ امداد شفاف طريقي سان ورهائي وئي.هن چيو ته ٻوڏ کانپوءِ خدشو آهي ته ڪڻڪ جي پيداوار طلب کان گهٽ ٿي سگهي ٿي، ڪڻڪ جي طلب پوري ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اين ڊي ايم اي سٺي معيار جو ٻج خريد ڪري رهي آهي، هارين کي ايندڙ فصل لاءِ اعليٰ معيار جو ٻج ڏنو ويندو.هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب اسان جي درخواست جي باوجود چيو ته اسان کي ٻج نه گهرجن.وزيراعظم شهباز شريف جو اهو به چوڻ آهي ته ٻوڏ جو پاڻي اڃا تائين متاثر علائقن ۾ بيٺل آهي، جنهن ڪري بيماريون پکڙجي رهيون آهن.










