ٻوڏ متاثرن جي آيل امدادي سامان نه ملڻ خلاف جماعت اسلامي جو احتجاج

ٻوڏ متاثرن جي آيل امدادي سامان نه ملڻ خلاف جماعت اسلامي جو احتجاج

ٽنڊوباگو(ن س)جماعت اسلامي ٽنڊوباگو پاران ٻوڏ متاثرن جي آيل امدادي سامان ۾ ڪرپشن ڪرڻ ۽ بوڏ متاثر ماڻهن جي واهر نه ڪرڻ خلاف الهبچايو هاليپوٽو، علي احمد بليدي ۽ عبدالغفار بليدي جي اڳواڻي ۾ سي اين جي پمپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي باگو واه پل تي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي علي احمد بليدي، الهبچايو هاليپوٽو ۽ عبدالغفار بليدي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سعودي عرب سميت ٻاهرين ملڪن کان اربين روپين جو امدادي سامان آيو آهي پر سنڌ حڪومت ڪرپشن ڪري اهو ٻاهران آيل سامان گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته بدين ضلعي ۾ ايل بي او ڊي سم نالي ۽ پراڻ ڍوري جي گھارن ۾ ڏيڍ مهيني کان ماڻهو روڊن تي بکن ۾ مري رهيا آهن پر حڪومت انهن کي امدادي سامان ڪون پئي ڏي. هنن گهر ڪئي روڊن تي ويٺل ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن مان آيل سامان ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو