پشاور: (ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ٻوڏ بابت فيصلو ڪيو آهي ته فوري طور تي امداد نه گهرنداسين ڪوشش آهي ته پنهنجي زور تي معاملا صحيح ڪريون.پشاور ۾ پاڪستان بزنس ڪميونٽي کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جو ڪم هاڻ صرف ٽيڪس گڏ ڪرڻ هوندو. ايندڙ سال جي بجيٽ ٽيڪس پاليسي آفيس طرفان ڏني ويندي ۽ اهو بجيٽ مستحڪم بجيٽ هوندو.هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جو اهم ڪردار هوندو آهي، حڪومت کي پرائيويٽ سيڪٽر کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻو آهي، ريگوليٽري مٽيريل جي قيمتن ۾ گهٽ ڪيو ته جيئن انڊسٽريز هلي سگهي، پرائيويٽ سيڪٽر کي اڳيان کڻي وڃڻو آهي ته ٽيڪسز ۽ ٻين معاملن کي ڏسڻو پوندو ته جيئن ماڻهن جو ڀروسو معيشت تي قائم ٿئي.ناڻي واري وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ چين، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن جا دورا ڪيا، اسان صرف چين ۾ 24 معاهدا ڪيا آمريڪا ۾ مختلف شعبن ۾ معاهدا ڪيا ويا، اها سرمائيڪاري تمام گهڻي اهم آهي اها هاڻ امداد نه آهي پر واپار ڪيو پيو وڃي.محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلي ۽ پنهنجي وڌندڙ آبادي جي چيلينج کي ڏسڻو پوندو. آبادي 2.3 سيڪڙو وڌي رهي آهي اسان جي ٻارن جو وڏو انگ غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ بابت فيصلو ڪيو آهي ته تڪڙي امداد نه گهرنداسين. ڪوشش آهي ته پهريان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پنهنجي زور تي معاملن کي صحيح ڪريون. ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي ويو آهي، گذريل سال ناڻي جي مٽاسٽا 3 ڪروڙ ڊالر جي هئي. اسان کي اميد آهي ته هن سال ناڻي جي مٽاسٽا وڌيڪ وڌندي. جڏهن ته نجڪاري جي عمل کي حڪومتي سطح تي بهتر بنايو پيو وڃي ته جيئن سرمائيڪاري جا مثبت نتيجا جڙي سگهن.










