ٻوڏ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بڻجي وئي آهي، شيخ رشيد

ٻوڏ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بڻجي وئي آهي، شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ٿيڻ واري آهي، آءِ ايم ايف کي خبر آهي ته ڪمزور اڪثريت آهي، وقت پري ناهي جڏهن ڪارخانا ۽ دڪان بند ٿي ويندا، ماڻهو روڊن تي هوندا.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٻوڏ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بڻجي وئي آهي. هن چيو ته دوست ملڪ ڪيش نه پر سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته پابندي مڙهيل فنڊنگ، توشاخاني ۽ توهين عدالت جي ڪيسن مان حڪومت کي ڪجهه نه ملندو.هن وڌيڪ چيو ته وزيرن جي جمعي بازار شروع ٿي وئي آهي، ڪيترن ئي وزيرن کي پنهنجا قلمدان ناهن مليا.

پهنجو تبصرو موڪليو