ٻوڏ سبب انڊونيشيا، ٿائيلينڊ ۽ سريلنڪا ۾ 1300 ماڻهو فوت

ٻوڏ سبب انڊونيشيا، ٿائيلينڊ ۽ سريلنڪا ۾ 1300 ماڻهو فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ سامونڊي طوفان، برسات ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو تعداد وڌي 1300 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سوين ماڻهو اڃا لاپتا آهن. رائٽر جي رپورٽ موجب انڊونيشيا، سري لنڪا، ٿائي لينڊ ۽ ملائيشيا ۾ طوفان ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوتگين جو تعداد 1300 تائين پهچي ويو آهي. غير ملڪي ميڊيا موجب، سڀ کان وڌيڪ فوتگيون انڊونيشيا ۾ ٿيون آهن، جتي 700 ماڻهو حياتي وڃائي چڪا آهن. برساتن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي. ايشيائي ملڪن ۾ قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته گهرن ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي. هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. سري لنڪا ۾ برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب تباهي وڌي وئي آهي، جتي 390 کان وڌيڪ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. ٿائي لينڊ ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ڪيترن ئي وسندين کي ٻوڙي ڇڏيو، ۽ هتي 176 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.انهن ملڪن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، پر خراب موسم سبب مشڪلاتون به وڌنديون پيون وڃن. ماهرن موسمياتي تبديلي کي شديد برساتن، سمنڊي طوفانن ۽ ٻوڏ جي وڌندڙ شدت جو اهم سبب قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو