ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات،ٽرانسپورٽ، اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ حيدرآباد رين ايمرجنسي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ جي پاڻي کي ڪنھن پاسي رستو ڏيڻو آھي، ۽ ڪٿيڪٽ لڳائڻا آھن ، اھي سمورا فيصلا آبپاشي جا ماهر ڪري رھيا آھن . ڪنھن وزير يا ايم پي اي جو ان ۾ ڪوبه عمل دخل ناهي. ايئن نہ ٿوٿي سگهي ته ڪنھن وزير يا ايم پي اي جي چوڻ تي ھڪ شھر کي بچائڻ لاءِ ٻئي شھر کي ٻوڙيو وڃي. ھن چيو تہ هن وقت پورو ملڪ ايمرجنسي جي صورتحال مان گذري رهيو آهي خاص طور تي سنڌ ۾ ايتري وڏي آفت سبب بي پناهه نقصان ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ ۾ هن وقت تائين ڪل 601 فوت ٿيا آهن جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ لاڙڪاڻيڊويزن ۾ 195 ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏڪارڻ فوت ٿيا آهن جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ 137 ، سکر ڊويزن ۾ 95 ، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 94 ، ڪراچيڊويزن ۾ 62 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 18فوتگيون ٿيونآهن _ هو اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنسڪري رهيو هو صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته هن قدرتي آفت سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جيڪي سرڪار ۽ سرندي وارن ڏانهن مدد لاءِ وانجهائي رهيا آهن _صوبائي وزير چيو ته هن قدرتي آفت سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جيڪي حڪومت ۽ سرندي وارن ڏانهنڏسي رهيا آهن _صوبائي وزير برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته هن مهل تائين سنڌ ۾ 11558 ماڻهو زخمي ۽47072جانور مري ويا آهن جڏهن ته 1195123 گهر جزوي ۽582618 گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن مجموعي طور تي 1687659 گهرن،241 تعلقا ۽ 1104 يونين ڪائونسلون متاثر ٿيون آهن. جڏهن ته 4428421 ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ تباهه ٿي آهي _هن چيو ته سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي ۽ زمينن ۾ ايترو پاڻي بيٺل آهي شايدربيع جو فصل به ٿي نه سگهندو _هن مهل ڪپهه فصل مڪمل طور تي ختم ٿيچڪي آهي ۽ ڀاڄيون پڻ ختم ٿي چڪيون آهن جنهن ڪري مهانگائي ۾ به تمام گهڻو واڌاروٿيو آهيهن ٻڌايو ته ڪوٽڙي بيراج ۾ هن وقت مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي ۽ اتان 640127 ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو آهي جڏهن ته منڇرڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 123.5 آر ايل هئي جيڪا هن وقت 122.3 آر ايل تي پهتي آهي هن چيو ته منڇرڍنڍ ۾ ڪجهه بهتري آئي آهي پر مسلسل پاڻي اچي رهيو آهي جنهن ۾ اڃان تائين گهٽتائي نه ٿي رهي آهي جڏهن ته هڪٻئي برسات جي اسپيل جي اڳڪٿيڪئي وئي آهي , جنھن جیڪري صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي _هن چيو ته ميرپورخاص ، سانگھڙ ، نوشهروفيروز ، مٽياري ۽ سعيد آباد۾ پاڻي آهي جڏهن ته چئن ڏينهن بعد سعيد آباد مان ڪجهه پاڻي نيڪالٿي ويندو هن چيو ته هن وقت حيدرآباد جي ٻهراڙي تعلقي جون 30 يونين ڪائونسلون پاڻي ۾ گهيريل آهن پر وقت سر قدمن سبب ڪجههڳوٺن مان پاڻي نيڪاليڪئي وئي آهي ۽ انهن ڳوٺن ۾ ماڻهن جي واپسي وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي _ صوبائي وزير ٻڌايو ته متاثرن لاءِ سنڌ سرڪار پاران 2031 امدادي ڪيمپون قائم ڪري 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي امدادي ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين تيار ڪيل کاڌي سميت طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن _ هن ٻڌايو ته هن مهل تائين 140610تنبو ۽ 923255 مڇردانيونڏنيون ويون آهن-هن چيو ته برساتي پاڻي جي بيهڻ سبب ڊينگي تمام تيزي سان پکيڙجي رهيو آهي _ هن چيو ته تمام يونين ڪائونسلن ۾ مڇر مار ڦوهارو پڻڪرائي رهيا آهيون ان سلسلي ۾ شهري علائقن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شهري احتياط ڪن _ هن چيو ته حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت مان جيڪا اميد هئي اها امداد نه ملي سگهي وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 _ 25 هزار في خاندان کي ڏنا ويا آهن _ صوبائي وزيرچيو ته اسين جنگ جي حالت ۾ آهيون ۽ هڪڙو انسان ڪيڏو نه ايترو بي حس ٿي سگهي ٿو جو اهڙين حالتن ۾ به جلسا ڪري رهيو آهي _ هن چيو ته هن مهل پوري قوم قدرتي آفتن ۽ چيلنجن کي منهن ڏئي رهي آهي اهو شخص قوم ۽ ادارن سان وڙهي رهيو آهي _هن چيو ته اهو شخص جيڪوڀارت ۽ اسرائيل چاهي ٿو اهو ئي ڪري رهيو آهي _ هن توشا خانا مان قيمتي واچ ۽ هارخريد ڪري وڪروڪيو عمران خان کي اهي ماڻهو وڻندا آهن جيڪي فرح گوگي جي ڪرپشن تي خاموش رهن هي ناڪام سياستدان ته آهي ئي پر اهو سٺو انسان به ناهي _ هن چيو ته گذريل ڏينهن يو م دفاع ملهايو پيو ويو ان وقت به هي سوشل ميڊيا ذريعي ادارن خلاف مهم هلائي رهيو هو جنهن مان هن جي ذهني عڪاسي ٿئي ٿي.










