اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ن ليگ کي چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ته به اتحادي حڪومت ٺاهيندي.ايم اين اي وجيه اڪرم جي والد جي ورسي جي تقريب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته نيون چونڊون آڪٽوبر، نومبر ۾ ٿينديون.هن چيو ته نواز شريف جلد پاڪستان ايندو، کيس 2017ع ۾ سازش ذريعي نااهل ڪيو ويو، سازشي ڪردار به هڪ هڪ ڪري سامهون اچي رهيا آهن.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي ويزن سان پاڪستان ترقي ڪئي.گذريل حڪومت تي تنقيد ڪندي هن چيو ته هڪ سال کان پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪي معيشت جي زخمن تي مرهم رکي رهيو آهي.هن چيو ته اڄ اسان کي آءِ ايم ايف تي ڀاڙيو پيو وڃي، عوام گذريل حڪومت جي 4 سالن جو عذاب ڪيترن سالن تائين ڀوڳيندو.احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ايندڙ 5 کان 10 سالن ۾ وسيع بنياد تي مفاهمتي سياست ڪرڻي پوندي، چونڊن کانپوءِ پاڪستان کي وسيع بنياد تي معاشي ايجنڊا تحت اڳتي وڌايو ويندو.هن چيو ته 75 سالن کان هلندڙ پاليسي نتيجا نه ڏئي سگهي، سڌارا آڻڻا پوندا، قومي سڌاري پروگرام ذريعي هر شعبي ۾ سڌارا آڻڻا پوندا.وفاقي وزير اهو به چيو ته گڏيل قومن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ توانائي شعبي جا نقصان ختم ڪرڻ گهرجن.










