ملير (ن س) پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن گذريل ٻن مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف مختلف ٽريڊ يونينن گڏجي احتجاج ڪيو. ٽريڊ يونينز جي اڳواڻن صغير احمد، اڪبر ناريجو،منصور مجيدي، امجدزرداري، سرمد ڀٽو، افتخار عباسي، شوڪت ڪورائي، اقبال مهر،اسدابڙو،چوڌري سليم گل سميت هزارين ملازمن جناح گيٽ تي ڌرڻو هڻي اسٽِل مل جي جنرل ۽ شفٽ جي بسن سميت پرائيوٽ ڪميپنين جي ڪيترن ئي گاڏين کي روڪي ڌرڻو هڻي روڊ جام ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسٽيل جي ملازمن کي عيدالاضحيٰ تي پگهارون جاري ڪيون وڃن. هنن چيو ته نااهل اي سي ايف او عارف شيخ جي لاپرواهي سبب ملازمن جا ٻار پگهارون نه ملڻ تي بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن پر افسوس جو ملازمن جي ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي. ملازمن جون ڪيترن ئي سالن کان پگهارون نه وڌيون آهن جڏهن ته ملازمن کي ملندڙ علاج، ويلفيئر، پي ايف سميت ڪيتريون ئي سهولتون بند آهن، ريٽائر ٿيندڙ ملازمن کي به پيسا نه ڏنا ويا آهن جنهن پريشاني سبب ڪيترائي ملازم فوت ٿي چڪا آهن. احتجاج ۽ ڌرڻي دوران انصاف ليبر يونين (سي بي اي ) جنرل سيڪريٽري ياسين ڄامڙو پنهنجي ساٿين سان گڏ پهتو، جنهن کي ڀليڪار ڪيو ويو جنهن پنهنجي تقرير دوران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ملازمن طرفان شيم شيم جا نعرا لڳايا ويا جنهن تي هو پوئين پير فرار ٿي ويو ۽ سندس ساٿين زبردستي ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ جناح گيٽ تان بسن کي روانو ڪرڻ چاهيو ته ڌرڻي تي ويٺل يونين عهديدارن ۽ ملازمن پاران اهڙي بدنظمي تي سي بي جي ماڻهن جو گهيراءُ ڪيو پر هو فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ انتظاميا پاڪستان اسٽيل يونين اڳواڻ اڪبر ناريجو، منصور مجيدي ۽ امجدزرداري سان رابطو ڪري کين يقين ڏياريو ته عيد کان اڳ ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون وينديو جنهن کانپوءِ احتجاج ۽ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.










