ٻانڌي:(ن س) ٻانڌي مهراڻ ھاء وي تي خانڻ شاھ اسٽاپ ڀرسان ڪنڊيارو کان نوابشاھ ويندڙ مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ 2 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ آسيه زال غلام مرتظي ابڙو، حسينه زال نواب ملاح، غلام مرتضيٰ پٽ نصير احمد ابڙو، نصرالله مري، مقصود علي ابڙو، صالح شر، غلام سرور شاھ، بي بي زال محمد امير، عاليه زال مقصود احمد ۽ ٻيا زخمين ۾ شامل آهن.حادثي جو اطلاع ملڻ شرط ٻانڌي پوليس حادثي واري جاء تي پھچي فوتين ۽ زخمين کي اسپتال پھچايو حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ۾ مرد ٻار عورتون شامل آھن. زخمي ٿيندڙ مسافرن کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد 10 مسافرن کي نوابشاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏھن ته حادثي ۾ فوت ٿيل 2 ڄڻن مان ھڪ جي سڃاڻپ جيڪب آباد واسي مولا بخش طور ڪئي وئي ٻئي جي سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي.










