ٻار ڪيرائڻ تان پابنددي ختم ڪريو، هزارين عورتن جو مارچ

ٻار ڪيرائڻ تان پابنددي ختم ڪريو، هزارين عورتن جو مارچ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن سميت مختلف شهرن ۾ هزارين عورتون مارچ ڪري رهيون آهن. سندن مطالبو آهي ته ٻار ڪيرائڻ تي پابندي وارو قانون ختم ڪريو ۽ اهو عورت کي حق هئڻ گهرجي ته هوءَ ٻارڄڻڻ چاهي ٿي يا ڪيرائڻ چاهي ٿي. واشنگٽن مارچ ۾ مختلف رياستن مان عورتون شريڪ آهن، جيڪي 60 سالا صدارتي اميدوار ڪملا هيرس جي حمايت ڪري رهيون آهن. ڪملا هيرس ٻار ڪيرائڻ واري پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. 5 نومبر تي آمريڪي صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي پر ڪيترن ئي رياستن ۾ سرڪاري ملازم، فوجي ۽ لکين عام شهري پولنگ کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي سهولت حاصل ڪري چڪا آهن. ايسوسيئيٽ پريس آف آمريڪا (اي پي)موجب مختلف سروي رپورٽس ۾ 46 سيڪڙو ووٽرز ڪملا هيرس ۽ 35 سيڪڙو ٽرمپ جي ڪاميابي جا خواهشمند آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو