سکر /ڪراچي / ڪنڊيارو(ن س) ڪراچي ۾ پريا ايڪشن ڪميٽي جو ٻارن جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،اڳواڻن چيو ته ٻارڙن جي بازيابي تائين احتجاج جاري رهندو،هوڏانهن پريا ايڪشن ڪميٽي جي ڌرڻي دوران اڳواڻن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري آهي ، مختلف شهرن طرف ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي سنڌ جي نياڻي ۽ انساني حقن جي اڳواڻ ام رباب چانڊيو، ٻٻرلوء بائي پاس تي پرِيا ڪماري ايڪشن ڪميٽيءَ جي پرامن ڌرڻي تي پوليس پاران رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيل بزدلاڻي ڪارروائي، تشدد ۽ وڪيلن، صحافين، سماجي ڪارڪنن سميت معصوم ٻارڙن جي والدين جي گرفتاريءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي, پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ام رباب پوليس گردي ۽ رياستي جبر کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته پنهنجن جگر جي ٽڪرن ۽ معصوم پرِيا ڪماريءَ جي محفوظ بازيابيءَ لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين مٿان هلان ڪري تشدد ۽ سندن گرفتاري هن نظام جي مڪمل ناڪامي ۽ بدترين فاشزم جو ثبوت آهي، هن پوليس ۽ صوبائي انتظاميا جي روئي تي افسوس جو اظهار ڪندي واضح ڪيو ته پنهنجن حقن ۽ ٻارڙن جي سلامتيءَ لاءِ آواز اٿارڻ ڪو ڏوهه ناهي پر آئيني ۽ قانوني حق آهي، ۽ مظلومن کي دٻائي حق جي آواز کي بند نٿو ڪري سگهجي, هن فرعون ۽ تاريخ جي ٻين ظالمن جو حوالو ڏيندي چيو ته ظالمن جو انجام هميشه رسوائي ۽ ذلت ئي رهيو آهي ۽ تاريخ ڪنهن کي معاف ناهي ڪندي، ام رباب اعليٰ اختيارين، آءِ جي سنڌ ۽ اربابِ اختيار کان مطالبو ڪيو ته ٻٻرلوءِ بائي پاس ڌرڻي تان گرفتار ڪيل سمورن صحافين، وڪيلن ۽ پرِيا ڪماري ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ معصوم پرِيا ڪماريءَ جي جلد کان جلد بازيابيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ بار ڪائونسل ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين جي مذمت ڪري ڇڏي، سنڌ بار ڪائونسل پاران واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ،جنهن ۾ ٻارڙن جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو ويو سيد صدرالدين شاهه ٻٻرلو ۾ 25 کان وڌيڪ ٻارن جي اغوا خلاف لڳل ڌرڻي ۾ پوليس چڙهائي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ڪمزور ٿي وئي آهي، ٻٻرلوءِ ۾ ٻارن جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس جي پرتشدد ڪارروائي مذمت جوڳي آهي، گرفتار اڳواڻ فوري طور آزاد ڪيا وڃن، پاڻي جو مسئلو ايندڙ نسلن سان جڙيل آهي، پاڻي نه هئڻ سبب آباد زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، سنڌ ۾ نوجوان کي ميرٽ تي نوڪريون نه پيون ملن، سنڌ ۾ گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام کي آزاد ۾ وجهي ڇڏيو آهي، … هوڏانهن خيرپور جي عدالت ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي چڙهائي خلاف درخواست تي ايس ايس پي امير سعود مگسي کي سڀاڻي ذاتي حيثيت ۾ گهرائي ورتو، درخواست ۾ ڊي آءِ جي ناصر آفتاب ۽ ايس ايڇ او ٻٻرلوءِ کي ڌر بڻايو ويو، درخواستگذار موجب مغوي ٻارڙن جي وارثن سميت 30 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن










