ٻارڙن جو خرچ نه ڏيڻ تي عورت جو مڙس خلاف احتجاج

ڀرياسٽي (مجيد ڪيريو) فتح پور محلا واسي مسمات عائشه زال غلام مصطفيٰ ڪيريو پنهنجي ٽن معصوم ٻارڙن سان گڏ فوجي اهلڪار مڙس خلاف سخت احتجاج ڪندي روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي شادي غلام مصطفيٰ ڪيريو سان ٿي هئي جيڪو فوجي اهلڪار آهي تعلقه ٺري ميرواهه بوزادار وڏا جي ڳوٺ واليڏنو ڪيريو جو رهواسي آهي. مڙس مون تي ۽ ٻارڙن تي هر روز جانورن جيان سخت تشدد ڪندو هيو آخر ڪار ست سال اڳ هن مون کي منهنجي ٽن معصوم ٻارڙن کي ڌڪا ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو جنهن بعد مان پنهنجي والدين وٽ رهندي آهيان ۽ ڪجهه سال اڳ منهنجي مڙس ٻي شادي به ڪري ڇڏي آهي. مون کي ٽن ٻارڙن هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي جنهن ۾ پٽ جي عمر 10 سال، نياڻين جي عمر هڪ جي 8 سال ٻي جي تقرين 6 سال آهي پهريان ٻار اسڪول ويندا هيا. پر هاڻ فيس ڀرڻ جي طاقت ناهي جو مان پنهنجي ٻارڙن جي تعليم اڳتي وڌائي سگهان هاڻ انهن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي غلام مصطفي ڪيريو پهريان ٻار گهرايا هيا مان ان ڏي ٻار موڪليا ته ان ٻيهر ٻار چاچن وٽ ڦٽي ڪري پاڻ پنو عاقل ڊيوٽي تي هليو ويو ۽ ٻارڙن جي ويڳي ماءُ انهن کي زهر ڏيڻ جو ڌمڪيون ڏنيون ۽ ٻارڙ خوف سبب مون وٽ پاڻ آيا آهن مڙس خرچ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري ٻارڙن سميت فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون. هن آرمي چيف قمر جاويد باوجوا سميت چيف جسسٽس ، وزير اعليٰ سنڌ، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا منهنجي مدد ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو