ٻارن جو تحفظ ۽ تعليم تائين پهچ رياست جي ذميواري آهي

ٻارن جو تحفظ ۽ تعليم تائين پهچ رياست جي ذميواري آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ٻارن جي پورهئي (چائلڊ ليبر) خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادريءَ سان گڏجي ٻارن کياستحصال کان محفوظ رکڻ، هر ٻار کي هڪ محفوظ ماحول ۾ پرورش ڏيارڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جي عزم کي ورجائي ٿو. صدرِ مملڪت جو چوڻ آهي ته ٻارن جو تحفظ پاڪستان جي آئين جو حصو آهي، جنهن ۾ آئين جو آرٽيڪل 11 غلامي، جبري پورهئي ۽ ٻارن کي خطرناڪ قسمن جي ڪمن ۾ ملازمت ڏيڻ جي منع ڪري ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 25-اي پنجن کان سورهن سالن جي عمر جي سمورن ٻارن لاءِ مفت ۽ لازمی تعليم جي ضمانت ڏئي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته اهي آئيني شقون رياست جي ان ذميواريءَ کي واضح ڪن ٿيون ته هوءَ ٻارن جي تحفظ ۽ تعليم جي فروغ کي يقيني بڻائي. ٻارن جي پورهئي جا سندن زندگي ۽ مستقبل تي سڌا سنوان ناڪاري اثر پون ٿا، محنت مزدوريءَ ۾ رڌل ٻار اڪثر تعليم ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن يا تعليمي لحاظ کان پٺتي رهجي ويندا آهن، جنهن سان سندن موقعا محدود ٿي ويندا آهن. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته جبري پورهئي سان ٻارن جي صلاحيتن جي نشونما متاثر ٿئي ٿي ۽ اڳي ئي مشڪلاتن جو شڪار خاندانن تي وڌيڪ بوجھ پوي ٿو، تنهنڪري ٻارن جي تعليم کي برقرار رکڻ رڳو سندن تحفظ جو معاملو ناهي پر ڊگهي مدت جي سماجي ۽ معاشي فلاح و بهبود لاءِ به ناگزير آهي. پاڪستان وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٻارن جي پورهئي جي خاتمي ۽ ٻارن جي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم جاري رکيا ٿيون، اسان جي توجهه ان مسئلي جي روڪٿام، موجود قوانين جي اثرائتي لاڳو ڪرڻ ۽ اهڙن ٻارن جي مدد تي مرڪوز آهي جن کي ٻيهر تعليم ۽ هڪ محفوظ و مستحڪم ماحول ڏانهن واپس آڻڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي مان والدين، مالڪن (نوڪري ڏيندڙن)، استادن، مذهبي اڳواڻن، سول سوسائٽي ۽ سمورن شهرين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو ٻارن کي استحصال کان محفوظ رکڻ ۽ سندن تعليم برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن. صدرِ مملڪت چيو ته ڪنهن به معاشري جو معيار اتي جي ٻارن سان ڪيل سلوڪ مان پرکي سگهجي ٿو، پاڪستان جي هر ٻار کي سکن، نشونما پائڻ ۽ هڪ محفوظ و روشن مستقبل اڏڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.
وزيراعظم جو پيغام
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ان عزم کي ورجائي ٿو ته هر ٻار کي استحصال کان پاڪ ۽ تعليم سان سينگاريل مستقبل ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن چيو ته هن سال هي ڏينهن “ٻارن جو پورهيو ناقابلِ قبول: ٻارن لاءِ منصفاڻا موقعا، نوجوانن لاءِ باعزت روزگار” جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) موجب اڄ به دنيا ڀر ۾ 13 ڪروڙ 80 لک ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، جن مان تقريبن 5 ڪروڙ 40 لک ٻار خطرناڪ قسمن جي ڪمن ۾ رڌل آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻارن جي پورهئي ۽ مزدوريءَ جو مڪمل خاتمو، قومي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ معاشرتي انصاف لاءِ ناگزير آهي. قومن جي ترقي، مستقبل جي هٿيارن (افرادي قوت)، ٻارن جي ذهني و جسماني قدرتي صلاحيتن جي واڌاري ۽ بهترين استعمال تي منحصر هوندي آهي. هن چيو ته حڪومتي پاليسيءَ جي ترجيحن ۾ باوقار روزگار جي فروغ ۽ ٻارن جي پورهئي جي خاتمي لاءِ عملي قدم شامل آهن، حڪومت سمورن لاڳاپيل ادارن بشمول مالڪن ۽ پورهيتن جي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. صوبائي حڪومتن ٻارن جي پورهئي جي روڪٿام لاءِ نمايان قانوني ۽ انتظامي قدم کنيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن اهو به چيو ته سمورن صوبن ۾ جبري پورهئي جي قانونن تحت ضلعي نگراني ڪميٽيون اور خصوصي يونٽ قائم ڪيا ويا آهن، اهي قدم ڪمزور ۽ محروم ٻارن جي تحفظ ۽ سندن بحالي و مدد جي اسان جي قومي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو