ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ضلعي سکر جي شهر ٺڪراٺو لڳ مارواڙين جي گهرن ۽ شڪارپور ۾ هڪ ڳوٺ ۾ باهه جا ڌار ڌار واقعا ٿيا آهن جن ۾ غريبن جا گهر سڙي ويا آهن.***شڪارپور مان عبدالخالق سومرو موجب ناپر ڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ مھراڻ بجاراڻي ۾ خوفناڪ باھ جو واقعو پيش آيو، باھ لڳڻ سبب 5 ڪچا گھر مڪمل طور تي سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا، ڳوٺاڻن مطابق باھ واقعو چلهه مان چڻنگ اڏرڻ سبب پيش آيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي باھ 5 گھرن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو گھر ڀاتي وڏي مشڪل سان پنھنجون جانيون بچائي ٻاھر نڪري آيا، جڏھن ته علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو پر تيستائين گھرن ۾ پيل سامان ،اناج۔سونا زيور سڙي رک جو ڍير ٿي ويا متاثرن جو چوڻ آھي ته باھ سبب لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي حڪومت مالي مدد ڪري.***ٺڪراٺو مان حضرت گل پٺاڻ موجب ڊرگهه ڀٽ ڀرسان ڳوٺ محمد علي انڍڙ ۾ مارواڙي برادري جي شمن ، هيمن ، دلبر ، بچل ۽ مصري مارواڙي جي گهرن کي اوچتو باھ لڳي ويئي ، جنهن سبب گهرن ۾ اناج ، کٽون ، هنڌ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر کلي آسمان هيٺ اچي ويا ، متاثرن پاران وس وارن کي مالي سهائتا جي اپيل ڪئي وئي آهي.










