ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي جي ٺيڪن ۾ شفافيت نه هجڻ خلاف درخواست تي هڪ هفتي ۾ ڪي ايم سي کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 5 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذار يونائيڊيٽ فرينڊز ڪانٽريڪٽرز جي وڪيل موقف ڏنو ته مجاز اٿارٽي جي منظوري کان سواءِ آرڊر جاري ڪيا ويا، ڪي ايم سي گذريل تاريخن جا ورڪ آرڊرز جاري ڪري رهيو آهي، سيپٽمبر ۾مختلف اسڪيمن لاءِ 2 ارب روپيا گهريا آهن، اسڪيمن لاءِ پبلڪ نوٽيس جاري ناهن ڪيا ويا، عدالت رمارڪس ڏنا ته فوري ضرورت جي ڪمن لاءِ سپرا رولز لاڳو ناهن ٿيندا، درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته هن ڪوئي فيصلو يا نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ته هي فوري مرمت جا ٺيڪا آهن، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٻن سالن کان روڊ اکڙيل آهي ته ڇا اڄ مرمت جي جلدي نٿي ٿي سگهي، درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته ان لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهي، آگسٽ 2023ع ۾ برساتن سان تباهه ٿيل رستن جي بحالي لاءِ اسڪيمون منظور ڪيون ويون، انهن اسڪيمن لاءِ پبلڪ نوٽيس جاري نه ڪيا ويا، سبب نٿو ٻڌايو وڃي ته هي پراسز ڊسٽرب ڇو ڪيو پيو وڃي، عوام جي ٽيڪسز مان حاصل رقم ضايع ٿي رهي آهي، ڪي ايم سي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت جي اپيل ڪري ڇڏي، عدالت هڪ هفتي ۾ ڪي ايم سي کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 5نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










