ٺل (رپورٽر): ٺل ويجهو ڳوٺ مزاري لاشاري وٽ مائنر شاخ مان ٻڏي معصوم نينگري فوت ٿي وئي.خبر موجب ڳوٺ مزاري لاشاري وٽ 5 ورھين جي معصوم نينگري عابده ڌيءُ گهرام لاشاري گھر ٻاھران راند ڪندي پاڻيءَ جي مائنر شاخ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. چيو وڃي ٿو ته نينگريءَ جو لاش پاڻيءَ مان ڪڍي تعلقي اسپتال ٺل آندو ويو.










