ٺارو شاهه مان پمپ مالڪ کنڀجي ويو

ٺارو شاهه مان پمپ مالڪ کنڀجي ويو

نوشھرو فيروز(ن سنڌيار) ٺاروشاھ ويجهو درٻيلو مان پيٽرول پمپ جو مالڪ راڻا اڪرام راجپوت مبينا طور کنڀجي ويو کنڀجي ويل واپاري جي پٽ عمران راجپوت ٻڌايو ته بابا پيٽرول پمپ تي ستل هئو جنهن کي صبع جو عصر ڌاري پنج پوليس جون موبائيلن ۾ ساده ڪپڙا پهريل اهلڪارن ۽ ڪجھ پوليس وردي ۾ اهلڪار هئا جيڪي منهنجي پيءۡ کي کنڀي ويا آهن اسان ٺاروشاھ پوليس ۽ سي آء اي نوشھروفيروز سان به رابطو ڪيو آهي پر سي آء اي نوشهروفيروز ۽ ٺاروشاھ پوليس واقعي کان لاتعقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته پيٽرول پمپ مالڪ راڻا اڪرام راجپوت جي وارثن جو چوڻ آهي ته اڪرام مٿان ڪو ڪيس آھي ته هن کي ظاهر ڪري فهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو