ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائن بي آر ٽي جي تعمير تيز ڪرڻ جون سخت ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آھن. ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ييلو لائن بي آر ٽي جي حوالي سان ھڪ اعليٰ سطح جو اجلاس سنڌ جي سينئر وزير جي آفيس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو، عالمي بينڪ جي نمائندي لنڪن فلور، بين الاقوامي ڪنسلٽنٽس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ييلو لائن بي آر ٽي جي اڏاوتي ڪم ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ييلو لائن بي آر ٽي جي ڊيپوز تي ڪم شروع ڪرڻ ۽ ڄام صادق پل تي جاري اڏاوتي ڪم سميت مختلف رُخن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ روزاني جي بنياد تي ڪم ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ۽ چيو تھ سموريون لاڳاپيل ڌريون ڪم ۾ دير جو ڪارڻ بڻجندڙ رنڊڪن جي ختم ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني ڪم ڪن. اجلاس جي موقعي تي عالمي بينڪ جي نمائندي لنڪن فلور ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي لاءِ مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ييلو لائن منصوبي جي ڊيڊ لائن کي پورو ڪرڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ ھولڊرز کي اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ييلو لائن منصوبو ڪراچي جي شھرين جي لاءِ وڏي اھميت وارو آھي، اُن کي جلد مڪمل ڪرڻ سنڌ سرڪار جو عزم آھي. ھن چيو تھ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبو نقل ۽ حمل جو ھڪ اعتماد جوڳو ۽ اثرائتو ذريعو بڻجڻ وڃي رھيو آھي، ييلو لائن بي آر ٽي سان ڪراچي جي شھرين جي لاءِ روزمرھ جي سفر ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ٿينديون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبو ڪراچي جي مصروف روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گھٽائڻ ۾ مدد ڏيندو، ييلو لائن بي آر ٽي سان جتي ٽرانسپورٽ جو نظام بھتر ٿيندو، اُتي مقامي ڪاروبار کي ھٿي ملندي، ھي منصوبو ڪراچي جي اقتصادي ترقي ۾ پنھنجو حصو وجھندو.










