يو اي اي جو هڪ ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع

يو اي اي جو هڪ ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دوست ملڪ يو اي اي هڪ ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته گڏيل عرب امارتن ٿوري دير اڳ هڪ ارب ڊالر موڪليا آهن، جنهن کانپوءِ ٻن ڏينهن ۾ اسان جي خزاني ۾ 3 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي.هن چيو ته گڏيل عرب امارتن جي وزيراعظم جي دوري تي ڊپازٽ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو اڄ پورو ٿي ويو، جنهن تي پاڪستاني عوام طرفان يو اي اي قيادت جو ٿورائتو آهيان، گڏيل عرب امارتن عملي طور تي دوستي جو ثبوت ڏنو آهي.سندس چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجون سموريون ادائيگيون وقت تي ادا ڪيون آهن، پاڪستان ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن بهتر هوندو، اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 3 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي.اسحاق ڊار چيو ته جمعي ڏينهن اسٽيٽ بئنڪ باضابطا طور اعلان ڪندي، جولاءِ جي آخر تائين ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 14 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا، نواز شريف جي دور ۾ قائد اعظم جي خواب تي عملدرآمد ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو