يوڪرين ۾ ايلون مسڪ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪري ڇڏي

يوڪرين ۾ ايلون مسڪ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪمپني ٽيسلا جي سربراهه ايلون مسڪ يوڪرين ۾ انٽرنيٽ سروس جي معطلي کانپوءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون آهن. ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس يوڪرين ۾ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪري ڇڏي آهي جنهن سان هاڻي شهرين کي انٽرنيٽ تائين رسائي ۾ ڏکيائي پيش نه ايندي.ان حوالي سان ايلون مسڪ تفصيل ڏيندي چيو ته يوڪرين کي انٽرنيٽ سروس فراهم ڪرڻ لاءِ اسٽار لنڪ سروس سان ڳنڍيو ويو آهي. ياد رهي ته اسٽار لنڪ سروس ڌرتيءَ جي مدار ۾ 200 سيٽلائيٽس تي هلندي آهي.يوڪرين تي روس جي حملي سبب شهر ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر روسي اشتهارن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو