ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يورپي ملڪ يوڪرين ۾ روسي ميزائل حملي دوران مشهور اداڪارا اوڪسانا شيوٽس مارجي وئي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين يوڪرين جي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ته اوڪسانا شوائٽز راڄڌاني ڪيف جي هڪ رهائشي علائقي تي روسي ميزائل حملي ۾ مارجي وئي. رپورٽ ۾ يوڪرين ٿيئٽر سوسائٽيءَ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اها عمارت جنهن ۾ ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪارا پنهنجي خاندان سان گڏ رهي رهي هئي روس طرفان فائر ڪيل ميزائل جو نشانو بڻيو، جنهن ۾ اوڪسانا شوئٽز پڻ مارجي وئي. ٿيٽر سوسائٽي ۽ اداڪارن اداڪارا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو جڏهن ته سڄي دنيا جي فنڪار برادري به سندس لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.










