يوڪرين تي روس جو موتمار حملو، 18 ماڻهو مارجي ويا

يوڪرين تي روس جو موتمار حملو، 18 ماڻهو مارجي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي گاديءَ واري شهر ڪيف تي سومر جي صبح سوير روس هڪ موتمار حملو ڪيو، جيڪو ترڪي ۾ ٿيندڙ انتهائي اهم نيٽو سربراهي اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ ڪيو ويو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ ان اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
سي اين اين موجب شهر جي مختلف حصن تي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونن جي برسات سبب رات جو آسمان وڏن ڌماڪن سان روشن ٿي ويو. شهري عملدارن موجب، حملي ۾ ڪيف اندر گهٽ ۾ گهٽ 15 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڀرپاسي واري علائقي ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. ان کان علاوه ڪيترائي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا.
حملي دوران رهائشي عمارتن کي سخت نقصان پهتو، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو گهڻ ماڙ عمارتن ۾ ڦاسي پيا. هڪ پوري خاندان جا فرد مارجي ويا، جن جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا، جڏهن ته شهر جي گهٽين ۾ ڪيترين ئي گاڏين کي باهه لڳل ڏٺي وئي.
ڪيف جي ميئر ويتالي ڪلچڪو چيو ته شهر جي چئن ضلعن ۾ وڏي تباهي ۽ نقصان ٿيو، جڏهن ته پوڊلسڪي ضلعو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو.
بچاءَ وارن اهلڪارن سومر جي صبح سوير ان ضلعي ۾ تباهه ٿيل عمارت جي مٿين منزلن مان ٻارن سميت رهواسين کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو، جڏهن ته راڄڌاني جا ڪيترائي رهواسي ڪلاڪن تائين فضائي حملي کان بچاءَ وارن پناهگاهن ۾ رهيا.
يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلينسڪي حملي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ئي خبردار ڪيو هو ته ماسڪو “هڪ نئين وڏي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي.” هي تازو حملو ان وقت ٿيو، جڏهن گذريل خميس روس جي هڪ شديد حملي ۾ ڪيف ۾ 30 ماڻهو مارجي ويا هئا، جيڪو جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ گاديءَ واري شهر تي ٽيون سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان وارو حملو هو.
يوڪرين جي فضائي فوج موجب، سومر تي فائر ڪيل ڪنهن به بيلسٽڪ ميزائل کي هوائي دفاعي نظام تباهه نه ڪري سگهيو. فوجي انگن اکرن مطابق، 29 بيلسٽڪ ميزائلن ۽ 18 حملا ڪندڙ ڊرونن ملڪ جي 34 مختلف هنڌن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته مجموعي طور روس 350 کان وڌيڪ ڊرون ۽ 66 ميزائل يوڪرين ڏانهن فائر ڪيا، جن جو بنيادي هدف ڪيف هو.
ٻئي طرف روس جي بچاءَ واري وزارت چيو ته سومر تي ڪيف ۾ فوجي صنعتي مرڪزن، تيل ۽ توانائي جي تنصيبات کي “اعليٰ درجي جي درستگي وارن ڊگهي فاصلي جي هٿيارن” سان نشانو بڻايو ويو. وزارت جو چوڻ هو ته اهي حملا روسي علائقي ۾ شهري ڍانچي تي يوڪريني حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا.
نيٽو اجلاس ۾ جنگ اهم موضوع
روس ۽ يوڪرين جي جنگ هن هفتي ترڪي ۾ ٿيندڙ نيٽو سربراهه اجلاس جو مرڪزي موضوع هوندي، جتي صدر ٽرمپ جي زيلينسڪي سان ملاقات متوقع آهي. ٻنهي اڳواڻن ڇنڇر تي ٽيليفون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
ان کان پوءِ ٽرمپ آچر ڏينهن روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان لڳ ڀڳ 90 منٽن تائين ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ ختم ڪرائڻ ۾ مدد جي آڇ ڪئي، جنهن جي تصديق روس جي پرڏيهي وزارت ڪئي.
هن چيو ته ميزائيل “روڪيندڙ ميزائلن جي اڻپوري فراهمي” سبب يوڪرين سومر جي حملي دوران ايندڙ ڪنهن به بيلسٽڪ ميزائل کي ڪيرائي نه سگهيو. زيلينسڪي چيو: “اهو انتهائي ضروري آهي ته دنيا، خاص طور تي آمريڪا ۽ اسان جا يورپي ساٿي، انقره ۾ نيٽو اجلاس مان اسان جي هوائي دفاع جي حمايت ۾ مضبوط فيصلا ڪري نڪرن.”
يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا فان ڊير لاين چيو ته يوڪرين کي “فوري طور وڌيڪ هوائي دفاعي نظامن جي ضرورت آهي، ۽ اسان ان معاملي تي هن هفتي انقره ۾ نيٽو اجلاس دوران بحث ڪنداسين.”

پهنجو تبصرو موڪليو