يوڪرين تي حملي جي مخالفت: روسي عورت صحافي تي ڏنڊ

يوڪرين تي حملي جي مخالفت: روسي عورت صحافي تي ڏنڊ

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روسي عدالت يوڪرين تي روسي حملي جي مخالفت ڪندڙ عورت صحافي کي ڏنڊ لڳايو.ميڊيا رپورٽن موجب روسي عدالت ٽي وي تي لائيو نشريات دوران يوڪرين جي حق ۾ بينر کڻي بيهڻ تي خاتون صحافي مارينا آفسيانڪووا کي ڏنڊ لڳايو آهي. روسي عدالت هڪ عورت صحافي کي روسي فوج کي بدنام ڪرڻ تي 50,000 روبل ($ 806) ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت چيو ته سرڪاري ٽي وي جي اڳوڻي ايڊيٽر خلاف ثبوتن ۾ کيس فوج کي بدنام ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ملي آهي ۽ عدالت کي سندس ڪارروائي تي ڪوبه شڪ ناهي.عورت صحافي عدالت جي سموري ڪارروائي کي رد ڪندي ان کي مذاق قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو