يوٽلٽي اسٽورن تان کنڊ ۽ دال غائب، انتظاميا جاڳي پئي

يوٽلٽي اسٽورن تان کنڊ ۽ دال غائب، انتظاميا جاڳي پئي

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو) يوٽلٽي اسٽورن تي دالين ۽ کنڊ جي کوٽ بابت عوامي شڪايتن تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم نوٽيس وٺندي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي تعلقن جي يوٽلٽي اسٽورن جو جائزو وٺي عام واهپي جي شين جي موجودگي بابت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪن. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته يوٽلٽي اسٽورن تي عام واهپي جي شين جي کوٽ سبب عام ماڻهن کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن يوٽلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي زونل مئنيجر سان ڳالهايو آهي ٻن ڏينهن اندر ضلعي گهوٽڪي ۾ 6 ٽن داليون پهچي وينديون ۽ ايندڙ هفتي سمورن يوٽلٽي اسٽورن تي کنڊ پڻ دستياب هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميه ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام کي عام واهپي جون شيون مناسب اگهن ته ملي سگهن اهڙي ريت ضلعي انتظاميه پاران لڳايل اٽي ۽ کنڊ جي اسٽالن تان پڻ عام ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو