اسلام آباد (بيورو) يوٽلٽي اسٽورز تي مختلف برانڊز جي ڪيترن ئي شين جي اگهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن مطابق هڪ ڪلو ڪپڙا ڌوئڻ جو پائوڊر 75 رپيا، جڏهن ته ٻارڙن جا ڊائيپر 348 رپين تائين مهانگا ڪيا ويا. ڊائپر جي سمال سائز جو پيڪ 1352 مان وڌائي 1700 رپين جو ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن مطابق 100 گرام ٽٿ پيسٽ جي قيمت 10 رپيا وڌڻ کان پوءِ 133 رپين مان وڌائي 143 رپيا ٿي ويئي، 200 ملي ليٽر باڊي واش 300 رپين تائين مهانگو ڪيو ويو جڏهن ته 175 گرام ڊش واش جي قيمت ۾ 500 رپين تائين واڌ کان پوءِ 90 رپين مان وڌي 140 رپين جو ٿي ويو آهي ٽشو پيور جي ڌٻي جي قيمت ۾ به 11 رپين تائين واڌ ڪئي وئي جڏهن ته 800 ايم ايل جيت مار اسپري جي قيمت ۾ 300 رپيا اضافي کان پوءِ 800 ايم ايل جيت مار لڪويڊ 490 رپين مان وڌيڪ 790 رپيا ٿي ويو نوٽيفڪيشن ۾ 300 گرام ماکي جي قيمت ۾ 60 رپيا، 250 گرام ميڪروني جي قيمت ۾ 11 رپيا، 66 گرام نوڊلز جي قيمت ۾ 5 رپيا جڏهن ته کٽاڻ، مختلف برانڊز جا بسڪٽ، جيلي ۽ صرف جي قيمت به وڌائي وئي آهي.










