يوم علي جي موقعي تي هر قسم جي جلوسن تي پابندي جو فيصلو

يوم علي جي موقعي تي هر قسم جي جلوسن تي پابندي جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي هر طرح جي جلوسن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.اين سي او سي ۾ يوم علي عه  جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت وفاقي وزير منصوبه بندي اسد عمر ۽ قومي ڪوآرڊينيٽر ليفتيننٽ جنرل محمودالزمان خان ڪئي. جڏهن  ته گهرو وزير شيخ رشيد، مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري، ڊاڪٽر فيصل سلطان جڏهن ته صوبائي سيڪريٽري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.اين سي او سي موجب اجلاس ۾ سڄي ملڪ خاص طور تي وڏن شهري مرڪزن ۾ ڪروونا جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي  جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مجلسون منعقد ڪرڻ جي اجازت به سخت ڪورونا ايس او پيز جي تحت ٿينديون. فورم فيصلن تي عمل ڪرڻ لاءِ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي مذهبي اسڪالرز ۽ ڪميونٽي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو