ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت واري ڏهاڙي تي سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪل هوندي.صوبائي تعليم واري سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت جي موقعي تي سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اربع 12 اپريل يعني 21 رمضان المبارڪ تي عام موڪل هوندي.










