ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص يوم علي جي مرڪزي جلوس جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ ضابطا اخلاق تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.سنڌ رينجرز جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص 21 رمضان المبارڪ جي موقعي تي امام بارگاهن ۽ ماتمي جلوسن جي رستن جو دورو ڪيو.ڊي جي رينجرز حڪم ڏنو ته ضابطا اخلاق تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي شرارت پکيڙيندڙ عنصرن تي ڪڙي نظر رکي وڃي.سنڌ رينجرز پاران ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.شهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وارن رستن تي سخت نگراني ۽ شڪي ماڻهن جي بائيو ميٽرڪ تصديق کانپوءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه شهر جي اهم شاهراهن تي گشت ۽ اسنيپ چيڪنگ جو عمل به تيز ڪيو ويو آهي.










