راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نيول چيف ۽ ايئر چيف مارشل پاران يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجو گڏيل پيغام جاري ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ آيل ڪشمير جي مظلوم عوام سان مڪمل ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستاني سينيئر عسڪري قيادت ۽ مسلح افواج والدين، ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ آهي ۽ يوع استحصال جي موقعي تي والاريل ڪشمير جي غيور عوام سان هر سطح تي ٻڌيءَ جو اعادي ۽ اظهار ڪري ٿي.










