نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ايجنسي اين آءِ اي ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي موت جي سزا لاءِ دهلي هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب اين آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي 29 مئي تي دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيندي، دهلي هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اين آءِ اي جي درخواست تي 29 مئي تي ٻڌڻي ڪندي.










