وڻ ڪٽجڻ سبب گرمي وڌي وئي آهي، وڻ لڳايو، مقرر

وڻ ڪٽجڻ سبب گرمي وڌي وئي آهي، وڻ لڳايو، مقرر

جوهي(ن سنڌيار)سماجي تنظيم ٿرديپ پاران ٻيلي کاتي جي سهڪار سان 21 مارچ وڻڪاري جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان پروگرام منعقد ڪيو. ان موقعي تي سوين ڳوٺاڻن عورتن,مردن سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ضلع آفيسر پنس حميد سميجو، ظهير دايو خطاب ڪندي چيو ته پنس سنڌ ۾ غذايت کوٽ جي بهتري لاء ڪم ڪري ٿي هن چيو ته پنس جو پروگرام ٻن حصن ۾ ڪم ڪري رهيو آھي صحت, صفائي ۽ زراعت تي ٻهراڙي ۾ ڪم آهي. ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت دادو دين محمد بلوچ چيو ته وڻن جي ڪٽائي سبب گرمي پڌ وڌي ويو آھي, مارچ مهيني ۾ گرمي پڌ 40 سينٽي گريڊ آھي انساني زندگي بچائڻ لاء وڻن جي واڍي بند ڪرڻ گهرجي, ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر محمد علي انڙ چيو ته سماجي تنظيم ٿرديپ کي پنجاھ ھزار وڻ پوکڻ لاء ڏينداسين, هن چيو وڻن جي اهميت ڳوٺاڻن کان وڌيڪ ڪير نٿو ڄاڻي, ڪم ڪار ڪري وڻن جي ڇانو تي ويهي رهندا آھن, پرنسپال جوهي ڪاليج ذوالفقار لغاري چيو ته اسان هڪٻئي جو خيال ڪيون ٿا وڻن جي ان طريقي سان خيال رکڻ کپي ٻوٽا گهر جا ڀاتي آھن,انساني آبادي وڌي وڃڻ ڪري وڻ ختم ٿي ويا آھن وڻن جي ختم ٿيڻ سان گلوبل وارمينگ وڌي وئي آھي,گرمي پد وڌي وڃڻ سبب قدرتي آفتون پڻ وڌي ويون آھن انهن جو حل ٻوٽا لڳائڻ آھي, وڻن جي حوالي سان جوهي ڪاليج سهڻو مثال آھي, سماجي اڳواڻ اڪبر لاشاري چيو ته حميد سميجو ان جي ٽيم کي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو جنهن پروگرام منعقد ڪيو,ڪاڇي واري پاسي حڪومت خيال نه پئي ڪري اهي سماجي اداره سٺو ڪم ڪري رهيا آھن هن چيو وڻن جو مسئلو گهڻو پراڻو آھي, ٻوٽا سڀ پوکيون ٿا پاڻي نه هجڻ ڪري وڻ سڀ سڙيو وڃن, وڻن کي پاڻي جي ضرورت آھي اسان کي گهرجي ته ڪاڇي ۾ ٻوٽا ٽيوب ويل آبادگارن کي ڏيون اهي ٻوٽا ڪامياب ٿيندا ٿرديپ ڳوٺاڻي تنظيم جي عورتن ماروي کوسو, حسينا مغيري  خطاب ڪندي چيو ته اسان ڳوٺاڻي عورتن کي ٿرديپ ڳالهائڻ سيکاريو اڄ سماجي تنظيم ٿرديپ جي ڪري اسين ڳوٺاڻي عورتون اسٽيج تي ڳالهائي رهيا آھيون ان موقعي تي پريس ڪلب دادو جي صدر صابر ڀنڊ, حميرا نور, شاهنواز ڀنڊ, عبدالله جمالي, عذره ميمڻ سميت ٻين  پروگرام کي خطاب ڪندي وڻن جي اهميت جي باري ۾ پڻ آگاهي ڏني, ان موقعي تي ٿرديپ پنس سي اين او شوڪت ڀٽو,حميد سميجو, ديدار شاهاڻي, رخسانه سولنگي, حميرا نور, زاهد لغاري, عبدالرزاق ٻٻر, سينئر صحافي پيربخش ٻٻر, وفا برهماڻي, منصور گاڏھي, ارباب رستماڻي, جان محمد گاڏھي, عالم ٿهيم, بشير لغاري, نوراحمد لغاري ۽ ڳوٺاڻي عورتن, مردن سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي آخر ۾ ماڻھن ۾ وڻ پوکڻ جي شعور پيدا ڪرڻ لاء واڪ ڪري ڳوٺاڻن ۾ وڻ تقسيم ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو