ممبئي (شوبزنيوز)بالي ووڊ اداڪار وڪي ڪوشال جي ”نيويارڪ برٿ ڊي“ کي سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.وڪي ڪوشال جيڪو هن وقت آمريڪا ۾ پنهنجي گهرواري اداڪاره ڪترينا ڪيف سان گڏ موڪلن تي آهي، هن پنهنجي سالگرهه نيويارڪ ۾ ملهائي.ڪترينا ڪيف فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي وڪي ڪوشال سان گڏ پنهنجون خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون آهن.انهن تصويرن ۾ وڪي ڪوشال ۽ ڪترينا ڪيف ٻئي ڏاڍا خوش نظر اچي رهيا آهن.










