وڪيلن ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقات جي درخواست داخل

وڪيلن ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقات جي درخواست داخل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان وڪيلن ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقات جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گڏيل درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ باني عمران خان بيرسٽر علي ظفر جي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي، درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي ڌر بنايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سياسي اڳواڻن ۽ وڪيلن کي ملاقات جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب 6 وڪيل، 6 سياسي اڳواڻ هفتي ۾ 2 ڏينهن ملاقات ڪري سگهن ٿا، جيل اختياريون فيصلي تي مڪمل طور تي عمل نه ڪري رهيون آهن.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار هن وقت ڪنهن به ڪيس ۾ سزا نه پيو ڪاٽي، پي ٽي آءِ باني جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ آهي. درخواستگذار طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ملاقاتن بابت 26 فيبروري جي فيصلي تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي، پي ٽي آءِ باني جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي تي نوٽيس ورتو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عمل ڪرڻ جي رپورٽ طلب ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو