نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) قبضا ختم ڪرڻ جي اوٽ ۾ دڪان ڊاھڻ وارو معامرو وڪيلن تي ايف آء داخل ٿيڻ خلاف اڄ ٽئين ڏينھن به وڪيلن جو ڪيس ھلائڻ کان بائيڪاٽ ڪورٽ جي گيٽ اڳيان احتجاج ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر عبدالرحيم عباسي چيو ته جيسيتائين وڪيلن جي مٿان ڪيس ختم نه ٿيندو اسان ڪم نه ڪنداسين اسان جو ھڪ ئي مطالبو آهي ته وڪيلن کي وڙھائڻ وڪيلن دھشتگردي ڪيس داخل ڪرائڻ واراجج صاحبان ھٽائيا وڃن ۔ان موقعي تي بار جي جنرل سيڪريٽري اياز مري چيو ته ڀلي صاحب وڪيلن کي ويڙھائين پر ڪامياب نه ٿيندا اسان وڪيل ھڪ آھيون سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر عبدالسلام لھراڻي چيو ته اسان کي جذباتي نه ڪيو وڃي جج صاحبان ڳالھيو ڪن ڳالھيو ڪرڻ لاء تيار آھيو افسوس جي جج صاحب پنھنجي آء ڊي تي لکي ٿو ته چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڪيل گوڙ ٿا ڪن باقي مون سان گڏ آھن اسان بار جا مين عھديدار نظر نه ٿا اچون اسان به عھد ڪيو آ ته جيسيتائين وڪيلن جا ڪيس ختم نه ٿيندا اسان جو بائيڪاٽ رھندو.










