پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخواهه جي گورنر کي حڪم ڏنو آهي ته هو سڀاڻي شام 4 وڳي تائين نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي کي عهدي جو حلف کڻائي، عدالت حڪم ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن گورنر حلف نه کڻائي ته اسپيڪر حلف کڻائڻ جو پابند هوندو، ،پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پاران نئين چونڊيل وڏي وزير سهيل آفريدي جي حلف برداري لاءِ داخل ڪيل درخواست تي پنهنجو فيصلو محفوظ ٻڌائي ڇڏيو….پشاور هائيڪورٽ جي چيف جسٽس ايس ايم عتيق شاهه جي سربراهي ۾ خيبرپختونخوا جي نئين وڏي وزير سهيل آفريدي کي قسم کڻائڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گورنر سرڪاري دوري تي ويل آهي هو سڀاڻي واپس ايندو. چيف جسٽس چيو ته گورنر قسم کڻائڻ بابت ڇا چيو؟، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته گورنر ڪي پي، استعيفيٰ جي منظوري لاءِ علي امين گنڊاپور کي گهرايو آهي. عدالت سوال ڪيو ته اوهان اهو ٻڌايو ته گورنر قسم کڻائڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي يا نه؟، اٽارني جنرل جواب ڏنو ته گورنر کي اچڻ ڏيو، هو فيصلو ڪندو، گورنر، عامر جاويد کي دليلن لاءِ نامزد ڪيو آهي. ايڊووڪيٽ عامر جاويد عدالت کي ٻڌايو ته گورنر ڪي پي لاءِ انتظار ڪريو، سڀاڻي تائين هو اچي ويندو ته سڀ ٿي ويندو، نئين وڏي وزير جي اچڻ تائين پراڻو وڏو وزير آفيس هلائيندو. عدالت چيو ته اهو ته تڏهن ٿيندو جڏهن اليڪشن نه ٿيندي، هتي ته چونڊ ٿي آهي، ٻين پارٽين به وڏي وزير جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. عامر جاويد چيو ته سڀاڻي گورنر جڏهن ايندو ته ٿي سگهي ٿو هو استعيفيٰ منظور ڪري ۽ قسم کڻائي، حڪومت وٽ جهاز به آهي، جيڪڏهن جلدي آهي ته جهاز اماڻيو هو رات اچي ويندو. عدالت چيو ته ڇا گورنر پبلڪ اڏام تي ايندو آهي، ايڊووڪيٽ عامر جاويد ٻڌايو ته جي گورنر پبلڪ فلائٽ تي سفر ڪندو آهي. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.










