وڏي وزير پاران سنڌ جي هندو برادري کي ديوالي جي مبارڪباد

وڏي وزير پاران سنڌ جي هندو برادري کي ديوالي جي مبارڪباد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڄي ملڪ جي هندو برادري کي ديوالي جون واڌايون ڏنيون آهن.سيد مراد علي شاهه چيو ته ديوالي خوشين ۽ خوشحالي جو تهوار آهي جيڪو امن ۽ محبت جو درس ڏئي ٿو.هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه اقليتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي.سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنهن فرق جي سڀني جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، اسان جو منشور انسانيت جي خدمت آهي.هن جو اهو به چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي اقليتن کي ايوانن ۾ نمائندگي ڏني آهي، اميد آهي ته ان روشنين سان پورو ملڪ روشن ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو