ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڊبليو ايڇ او جي وفد جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مائيڪل ريان ملاقات ڪئي. ڊبليو ايڇ او جي هيڊ مشن پاڪستان ڊاڪٽر پاليٿا مهيپالا، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽر ڊاڪٽر مائڪ ريان، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رچرڊ برينڊن، سينيئر ايمرجنسي آفيسر رابرٽ هولڊن، حادثو مينيجر ڊاڪٽر مشيل لاکيا، ڊبليو ايڇ او آفيسر سنڌ ڊاڪٽر سارا ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، صحت واري سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ شرڪت ڪئي.سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ڊبليو ايڇ او جي ٽيم سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهي ڏني،ڊاڪٽر مائيڪل ٻڌايو ته ٻارڙا ڊائريا، مليريا ۽ ٻين بيمارين جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان ڏٺو آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا آهن،سنڌ حڪومت جا ڊاڪٽر ۽ نرس ڪئمپن ۾ تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن ،وڏي وزير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ واري صورتحال کي هڪ مهينو گذري ويو، 6 لک ماڻهن کي ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، *سنڌ ۾ ايتري وڏي آبادي اڳ ڪڏهن به متاثر نه ٿي آهي، ٻارن ۽ عورتن لاءِ غذائي سپليمينٽس جي ضرورت آهي، ڊائريا، مليريا ۽ ٻين بيمارين کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، صحت واري وزير چيو ته ڪئمپن ۾ يا روڊن تي رهندڙ حامله عورتن کي طبي سهولت فراهم ڪرڻ آهي،وڏي وزير چيو ته صاف پاڻي جو بندوبست ڪيو وڃي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته ڊائريا جهڙين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو،ڊاڪٽر مائيڪل چيو ته ڊبليو ايڇ او ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندو، WHO پاڻي صاف ڪرڻ جا ڪٽ ۽ ٻيو سامان فراهم ڪندو ڊبليو ايڇ او 100 ننڍيون پاڻي صاف ڪرڻ واريون مشينون ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو بليو ايڇ او ٻارن لاءِ دوائون، وٽامن ۽ ٻيون ضروري شيون فراهم ڪندو










