ڏهرڪي(ن س) وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه رهڙڪي درٻار پهتو، گادي نشين سائين ساڌ رام جي ديهانت تي سندس وارثن ۽ هندو برادري سان افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سان صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاه، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي صلاحڪار بحالي گيانچند ايسراڻي، ايم پي اي امداد علي پتافي، چيئرمين ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي بنگل خان مهر گڏ هئا. خبر موجب وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه رهڙڪي درٻار پهچي، هندو برادري جي روحاني پيشوا ۽ رهڙڪي درٻار جي گادي نشين سائين ساڌ رام جي ديهانت تي سندس وارثن سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سائين ساڌ رام هڪ پيارو ماڻهو هو ساڻس ڪيئي ملاقاتون هيون هميشه مسڪرائيندڙ ۽ سڀني جو خيال رکندڙ هو سندس وڇوڙي سان خال پيدا ٿيو آهي ، اميد ته سندس پوئلڳ به سائين ساڌ رام جي امن ۽ محبت واري پيغام تي عمل ڪندا رهندا، ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته رائونتي ڪچي ۾ وڏو مسئلو هو سنڌ حڪومت ڪم ڪيو آهي پهرين واري صورتحال کان ڪافي بهتري آئي آهي، ڪچي ۾ آپريشن جاري رهندو ۽ ترقياتي ڪم به ڪرائينداسون ته جيئن اتان جي رهواسين کي سهولتون ملي سگهن.










