حلف برداري بابت حمزه شهباز جي نئين درخواست داخل

حلف برداري بابت حمزه شهباز جي نئين درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ)حمزه شهباز وڏي وزير جي عهدي جو حلف نه کڻڻ واري معاملي تي نئين درخواست تيار ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي.حمزه شهباز طرفان داخل نئين درخواست ۾ وفاق ۽ پنجاب حڪومتن کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ وزيراعظم کي پرنسپل سيڪريٽري ذريعي ڌر بڻايو ويو آهي، صدر، چيئرمين سينيٽ سيڪريٽريٽ ذريعي ڌر بڻايو ويو آهي.نئين داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ صدر پاڪستان کي حلف برداري لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر عدالتي حڪمن تي عمل ناهي ڪيو ويو.حمزه شهباز درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته عدالت جي حڪم تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو